سون ورني سنڌ جي سار

سون ورني سنڌ جي سار

سون ورني سنڌ جي سار

سون- ورني سنڌ جي سار (ڪتاب): ڪتاب ’سون- ورني سنڌ جي سار‘ (Reminiscences of Golden Sindh)، نامور تعليمدان پروفيسر ڪنئيالال منگهنداس تلريجا جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي صفحي صفحي مان ليکڪ جو سون ورن سنڌوءَ لاءِ پيار ۽ محبت جو اظهار ٿي رهيو آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ هن ريت آهي: ”سنڌ سراپا سون آهي، سنڌ آهي ساري سڳنڌ ۽ سرهاڻ، سونهن، سوڀيا ۽ سندرتا جو اهڃاڻ، سنڌ جي مٽيءَ ۾ آهي مُشڪ جي مهڪ، جا من کي معطر ڪري، اندر ۾ اُتپن ڪري ٿي انوکي ٻهڪَ، سنڌ جي پاڻيءَ ۾ آهي اوجل امرت جي ڌارا، جا هانءَ کي ٺاري دور ڪري ٿي من جا مونجهارا . . “
ڪنئيالال تلريجا، 1964ع ۾ سنڌ ڇڏي ڀارت وڃي آباد ٿيو هو ۽ الهاس نگر جي چاندي ٻائي ڪاليج ۾ پهرين پروفيسر ۽ بعد ۾ پرنسپال ٿي رهيو، پر سندس من مان سنڌ جي ياد اڄ تائين نه وسري آهي، ان ڪري هن لکيو آهي: ”جڏهن مان سرير جي ٿڪاوٽ ۽ من جي مونجهه محسوس ڪندو آهيان، تڏهن مان سون ورني سنڌ کي ساري، ويد واڻي، سنڌي سنت ڪوين (شاهه، سچل ۽ سامي) جي ٻاڻي مڌر سُر ۾ گنگنائيندو آهيان، بس منهنجا دک دور ٿي ويندا آهن.“
هي ڪتاب تلريجا صاحب، انهن سنڌي شاعرن جن سنڌ جي ياد ۾ شعر رچيا آهن، تن جي ڪتابن پڙهڻ ۽ جدا جدا مخزنن ۾ اديبن جي تحريرن جي مطالعي کان پوءِ لکيو آهي ۽ ان ۾ سنڌي زبان جي اڪثر اديبن، شاعرن، شهرن، ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر شاعراڻي انداز ۾ ڪيو آهي ۽ ڪجهه شاعرن جا ’سنڌ جي سار‘ بابت تخليق ڪيل شعر به ڏنا آهن.
ڊيمي سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ جي رنگين نقشي واري ٽائيٽل سان، راشٽريه چيتناسنگهٺن، سوريه انڪليو، ٿاڻي (ايسٽ)، مهاراشٽر مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي ۽ ان جو انتساب سنڌ جي سرموڙ سور وير مهاراجا ڏاهرسين کي ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو